سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه گهٽائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي، شهباز شريف

پنجاب جَي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪمند اگهه گهٽائي آبادگارن کان کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو آهي، هارين کي برابري  جي بنياد تي حق ملڻ گهرجن.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته آبادگار ۽ پورهيت ملڪ جو سرمايو آهن، اميد آهي ته هلندڙ سال ڪڻڪ پيداوار واڌ ٿيندي.

هن چيو ته ڪڻڪ جي فصل لاءِ آبادگار ڏينهن رات محنت ڪن ٿا، حڪومت پورهيتن جي بهتري لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ هلندڙ سال ڪڻڪ جو هدف وڌائي چاليهه لک ٽن رکيو ويو آهي، ڪڻڪ جو اگهه 1300رپيا برقرار آهي.

شهباز شريف سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت آبادگارن سان ظلم ڪري رهي آهي.

هن چيو ته سنڌ سرڪار ڪمند جو اگهه گهٽائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي، پورهيتن کي جائز حق ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*