ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو پيءُ جَي لاءِ پنهنجِي سياسي “چِتا” ساڙي رهيو آهي

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو پيءُ جَي لاءِ پنهنجِي سياسي “چِتا” ساڙي رهيو آهي، جيڪڏهن بلاول ڪرپشن خلاف ٻاهر نڪري ها ته هيرو ٿي وڃي ها.

نوشهره ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ريلوي ۾ انقلاب آڻينداسين، 17 سالن کانپوءِ مردان کان دُرگئي تائين ريلوي سروس بحال ڪري ڇڏي.

هن چيو ته هن ملڪ ۾ يا ته چوڪيدا رهندا يا چور، بلاول پنهنجي زندگي ۾ هميشه بيوقوفي ڪئي آهي ۽ هاڻي پيءُ جي لاءِ پنهنجي سياسي “چِتا” ساڙي رهيو آهي.

هن چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو ڪرپشن خلاف نڪري ها ته وڏو ليڊر بڻجي وڃي ها پر هاڻي زيرو بڻجي ويو آهي، اسان جمهوري ماڻهو آهيون، ٽرين مارچ لاءِ مفت ريل گاڏي فراهم ڪنداسين.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ريلوي کي هڪ ڀيرو ٻيهر فعال بڻائينداسين، اسان رحمان بابا ٽرين هلائي ته ماڻهن مذاق بڻايو پر ان سان ريلوي کي فائدو ٿيو آهي، هاڻي سفاري ٽرين به هلائي رهيا آهيون.

وفاقي وزير   وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ٽرينون هلائينداسين ۽ انگريزن جا ٺاهيل ٽريڪس بحال ڪنداسين، نوشهره کان مردان ريلوي ٽريڪ کي ٻيهر فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو  آهي، ان لاءِ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ٽريڪس تان رنڊڪون ختم ڪري.

شيخ رشيد احمد چيو ته اسان جو چين سان معاهدو ٿي ويو آهي، قبائلي علائقن کي ٽرين ذريعي مين ٽريڪ سان ملائينداسين، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ ٽرينن جو ڄار وڇائڻ جو به پلان آهي.

شيخ رشيد احمد چيو ته هن وقت ٽرين سروس سي پيڪ لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، گدلاڻ سبب آئل ٽرينن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ڪراچي کان پشاور تائين ڊبل ٽريڪ وڇائينداسين….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*