عمران خان ڏهرڪي مان ٻـِن هندو نينگرين جـَي مبينا اغوا وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي بازيابي جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان ڏهرڪي مان ٻـِن هندو نينگرين جـَي مبينا اغوا وارين خبرن ۽ کي پنجاب منتقل ڪرڻ واري اطلاعن جو نوٽيس وٺندي بازيابي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري موجب، وزيراعظم عمران خان ڏهرڪي مان ٻن هندو نينگرين رينا ۽ روينا جـِي مبينا اغوا ۽ کين پنجاب منتقل ڪرڻ وارن اطلاعن  جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته اطلاع آهن ته ٻن هندو نينگرين کي اغوا ڪري رحيم خان خان منتقل ڪيو ويو آهي، ان معاملي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته نينگرين کي فوري طور بازياب ڪرايو  وڃي.

فواد چوڌري موجب وزيراعظم عمران خان سنڌ ۽ پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ان معاملي تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت اهڙن واقعن جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کڻي.

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اقليتون اسان جي قومي جهنڊي جو اڇو رنگ آهن ۽ اسان کي پنهنجا سمورا رنگ عزيز آهن، پنهنجي جهنڊي جي حفاظت اسان جو فرض آهي.

رينا ۽ روينا جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ٻارڙين جي عمر 12 ۽ 14 سال آهي، ٻنهي ڀينرن کي ڏهرڪي مان اغوا ڪرڻ بعد پنجاب منتقل ڪيو ويو، جتي جبري طور سندن مذهبي تبديل ڪرائي سندن جبري پرڻو به ڪرايو ويو.

ٻنهي ٻارڙين جي پنجاب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ وڊيو به منظرعام تي آئي آهي، جنهن ۾ ٻئي ٻارڙيون پنهنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪرڻ ۽ پرڻو ڪرڻ جو اعتراف ڪندي نظر اچي رهيون آهن.

ٻنهي ٻارڙين جي وارثن جو چوڻ آهي ته رينا ۽ روينا تي سخت دٻاءُ وجهي اهڙو بيان ڏياريو ويو.

واضح رهي ٻنهي ٻارڙين جي مبينا اغوا بعد صدمي ۾ سندن والده ديهانت ڪري چڪي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*