جيسينڊا آرڊن ڪرائسٽ چرچ واقعي تي رائل ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نيوزيلينڊ جـِي وزيراعظم جيسينڊا آرڊن ڪرائسٽ چرچ واقعي تي رائل ڪميشن ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيسينڊا آرڊن چيو آهي ته هوءَ چين جو دورو ڪري اتان جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪندي.

ويلنگٽن ۾ ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيوزيلينڊ جِي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن چيو ته ڪرائسٽ چرچ واقعي تي رائل ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته رائل ڪميشن سنگين ترين واقعي تي ٺاهيو پيو وڃي ۽ ڪرائسٽ چرچ واقعو به سنگين ترين آهي.

نيوزيلينڊ جِي وزيراعظم چيو ته ماڻهو پڇي رهيا آهن ته ڪرائسٽ چرچ حملو ڪيئن ٿيو، حملي ۾ سوشل ميڊيا ۽ ايجنسين جي ڪردار جو به پڇيو پيو وڃي.

ٻي طرف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ايندڙ هفتي چين جي دوري جو به اعلان ڪندي چيو ته چين جي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات ڪنديس، جڏهن ته چين ۾ نيوزيلينڊ جي سفارتخاني جو به افتتاح ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*