جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ 20هين ورسي ملهائي پئي وڃي

جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي  ايم سيد جي 20 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، جڏهن ته پوري سنڌ مان قافلا سن پهچي ويا آهن.

جسقم بشير خان قريشي گروپ، جسقم آريسر گروپ، جيئي سنڌ  ڪرناڻي گروپ، جست سرڪي گروپ ۽ ٻين قومپرست تنظيمن طرفان ڌار ڌار ريليون ڪڍي سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهي مزار تي حاضري ڀري.

سائين جي ايم سيد جي ورسي جي سلسلي ۾ قومپرست ڪارڪنن سن کي جهنڊن ۽ بينرن سان سينگاري ڇڏيو آهي.

جسقم، جسمم، جسقم آريسر گروپ،جست ترقي گروپ ۽ جست ڪرناڻي گروپ طرفان پنج ڌار ڌار جلسا رٿيل آهن.

جلسن کي صنعان قريشي، عبدالواحد آريسر، شفيع ڪرناڻي، اسلم پٺاڻ ۽ ٻيا پڻ خطاب ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*