اي اين ايف اسلام آباد ايئرپورٽ تي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

اي اين ايف اسلام آباد ايئرپورٽ تي منشيات اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي سعودي عرب ويندڙ زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، اي اين ايف عملدارن موجب، جوابدار پنهنجي گهرواري سان گڏ جده  وڃي رهيو هو.

اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي اين ايف ڪارروائي ڪندي890  گرام آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي.

اي اين ايف عملدارن موجب، حراست ۾ ورتل صاحب گل ۽ سندس گهرواري نور ضياءَ کي گرفتار ڪري ورتو.

اي اين ايف عملدارن موجب، حراست ۾ ورتل جوابدارن جو تعلق صوابي سان آهي.

اي اين ايف عملدارن موجب، ٻئي ڄڻا  خانگي اڏام فلائيٽ نمبر ڊبليو واءِ 346 ذريعي جده وڃي رهيا هئا.

اي اين ايف عملدارن  جو چوڻ آهي ته، جوابدارن آئسن هيروئن بريڊ پاڪيٽس ۾ لڪائي رکي هئي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا  ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن پشاور ۾ پوليس  جي ڪارروائي جوابدار وٽان چرس ۽ آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي.

 پوليس موجب، جوابدار رويد گل جو تعلق چارسده سان آهي، جوابدار شهري علائقن ۾ منشيات جو وڏو سپلائر هو.

پوليس موجب، جوابدار تي ڪوتوالي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا به ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*