قائم علي شاهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي، نيب طلب ڪيو آهي، عدالت نيب کي گرفتاري کان روڪي.

نيب راولپنڊي جي طلبي کان پوءِ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.

اڳوڻي وڏي وزير درخواست ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ۽ ڊي جي نيب کي ڌر بڻايو آهي.

سيد قائم علي شاهه پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 27 مارچ تي نيب طلب ڪيو آهي ۽ گرفتاري جو خدشو آهي، جنهن سبب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي گرفتاري کان روڪي.

واضح رهي ته نيب ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽي ۾ زمين جي الاٽمنٽ بابت ڪيس جي جاچ ڪري رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ قائم علي شاهه کي پڇا ڳاڇا لاءِ سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*