سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي سنيگن غداري ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي سنيگن غداري ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اوهان يقين ڪيو ته گذريل ٻڌڻي دوران مون کي اندازو ٿي ويو هو ته پرويز مشرف اسپتال ۾ داخل ٿي ويندو.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پرويز مشرف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت پرويز مشرف کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ 3 آپشن ڏنا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ اپشن آهي ته پرويز مشرف ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿئي، ٻيو آپشن آهن ته هو ويڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائي ۽ ٽيون اپشن اهو آهي ته پرويز مشرف جو وڪيل سندس جاءِ تي جواب ڏئي.

عدالت پرويز مشرف جي وڪيل طرفان مهلت ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس چيو ته سٺو آهي ته پرويز مشرف جي جاءِ تي سندس وڪيل سلمان صفدر جاءِ ڏي، پرويز مشرف ته مڪا ڏيکاريندو وتندو هو، ايئن نه ٿئي جو هو عدالت کي ئي مڪا ڏيکاري ڇڏي.

درخواستگذار جي وڪيل ان موقعي تي چيو ته پرويز مشرف عدالت کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي ۽ عدالت سان مذاق ڪئي وئي آهي.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان يقين ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي مون کي اندازو ٿي ويو هو ته پرويز مشرف اسپتال ۾ داخل ٿي ويندو.

چيف جسٽس چيو ته سوال هاڻ اهو آهي ته هڪ جوابدار ڄاڻي واڻي عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ته پوءِ ڇا عدالت بلڪل  بي وس آهي، جيڪڏهن قانون اهڙي صورتحال تي خاموش هوندو ته آئين سپريم ڪورٽ کي اختيار ڏئي ٿو.

پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته سندس موڪل حڪومت جي اجازت سان پرڏيهه ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس  وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته وڪيل صاحب، حڪومت جون پنهنجون ڪجهه ترجيحون ٿينديون آهن، پر ڪورٽ جي ترجيح رڳو قانون آهي.

عدالت چيو ته مشرف جو وڪيل پنهنجي موڪل کان پيشي بابت هدايت وٺي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت وَٽ هڪ اپشن ڪميشن جي قيام جو به آهي.

چيف جسٽس چيو ته ڪميشن کان پاسو ڪرڻ تمام گهڻو سولو آهي، ڪميشن کان اڳ ئي پرويز مشرف اسپتال پهچي ويندو، بهتر ٿيندو ته پرويز مشرف پنهنجو بيان پاڻ ئي رڪاڊ ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*