سنڌ جا ڪيس سنڌ ۾ ئي هلڻ گهرجن، قمر زمان ڪائرا

پيپلزپارٽي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته سنڌ جا ڪيس سنڌ ۾ ئي هلڻ گهرجن، سنڌ جي وڏي وزير کان سنڌ ۾ ئي سوال جواب ٿيڻ گهرجن ها، اسان بي گناهه آهيون، مفروضن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو اسان ڪنهن سان وڙهڻ نه آيا آهيون.

هن چيو ته، اڄ اسلا م آباد کي سيل ڪيو ويو آهي، سڄي شهر کي پوليس اهلڪارن گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، اسان پرامن طريقي سان ڪيس وڙهندا آهيون، ادان سان ناهيون وڙهندا.

قمر الزمان ڪائره چيو ته، هڪ صوبي جي وڏي وزير کي گهرائي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، ڇا وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي مفلوج بڻائڻ چاهي ٿي؟

هن چيو ته عمران خان اڳ چوندو هو ته احتجاج لاءِ ڪنٽينر ڏيندو، اڄ هي ڇا ڪري رهيو آهي، اسان ته پنهنجي دور ۾ مخالفن کي به حق ڏنا هئا.

بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي نيب آمد تي ڪارڪنن کي گڏ ٿيڻ لاءِ نه چيو ويو هو.

هن چيو ته جيالا پنهنجي معمول جي ڪمن تي هئا ۽ حڪومت خوفزده ٿي سڄي شهر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته، جيڪڏهن اسان ڪو سڏ ڏنو ئي نه هو ته پوءِ ڇو شهر کي مختلف هنڌن تي بند ڪيو ويو آهي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته پيپلزپارتي ڊڄڻ واري نه آهي، نيب ڪيس وڏي وزير بابت نه آهي،

نيئر بخاري چيو ته وڏي وزير وٽ ڪو به رڪارڊ نه هوندو آهي، سمورو رڪارڊ صوبائي وزيرن جي سيڪريٽريز وٽ هوندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*