وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا ۾ اڌ کان وڌيڪ وزير مشرف دور جا آهن، خورشيد شاهه

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا ۾ اڌ کان وڌيڪ وزير مشرف دور جا آهن، عمران خان عملي طور تي ڪجهه به ناهي ڪري سگهيو، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ ۽ 50 لک گهر ٺهرائي ڏيڻ واري اعلان تي عمران خان قوم کان معافي وٺي.

سکر ۾يو ايس ايڊ جو اسڪول آءِ بي اي حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، هو فرق نه پر ٻڌيءَ تي يقين رکي ٿو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال فيصل آباد جي آبادي جيتريءَ آبادي وڌي رهي آهي، وڌندڙ آبادي ايٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ قدم  کڻڻ ضروري آهن.

خورشيد شاهه چيو ته هڪ وزير پ پ تي تنقيد ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ آمريڪا کان اماڻيو ويو آهي.

هن چيو ته قرض وٺڻ کي خودڪشي سڏيندڙ عمران خان پاڻ قرض جي ڪُن ۾لهي ويو آهي، ڇهن مهينن ۾هڪ هزار بلين قرض ورتو ويو آهي، جنهن لاءِ ملڪ جي هر شئي گروي رکي وئي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته هو ڪرپشن جي حمايت نٿا ڪن، پر ڪنهن کي هدف بڻائڻ غلط ڳالهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*