مسلم ليگ نواز جڊيشل ڪميشن ۾ جواب داخل ڪرائي ڇڏيو

مـُسلم ليگ نــُون، جڊيشل ڪميشن ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ن ليگ ڌانڌلي ۾ ملوث ناهي، پي ٽي آءِ ٻن سالن کان الزام لڳائي رهي آهي پر ڪو ثبوت ناهي پيش ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم پاران جماعت اسلامي جي الزامن جي ڪاپي ملڻ تائين جواب داخل نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جڊيشل ڪميشن پاران سياسي پارٽين کي ثبوت ۽ دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ اڄ 12 هين وڳي تائين ڏنل مهلت ختم ٿي وئي آهي.

جڊيشل ڪميشن گذريل ٻڌڻيءَ تي تحريڪ انصاف جي درخواست تي مسلم ليگ ن ۽ جماعت اسلامي جي درخواست تي ايم ڪيو ايم کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ اڄ تائين مهلت ڏني هئي.

ڪميشن جي هدايت تي مسلم ليگ نون پاران راجا ظفر الحق، رفيق رجوانا پاران جڊيشل ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف جي الزام جو لکت ۾ جواب داخل ڪرايو ويو.

جواب ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف جا ڌانڌلين بابت الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ن ليگ ڌانڌلي ۾ ملوث ناهي ۽ کين پنهنجي مقبوليت جا ئي ووٽ مليا هئا.

ن ليگ موجب، تحريڪ انصاف ٻن سالن کان ڌانڌلين جا الزام لڳائي رهي آهي پر هن وقت تائين ڪو به جوڳو ثبوت پيش ناهي ڪيو ويو، جن اميدوارن تي ڌانڌلي جا الزام آهن، انهن جا ڪيس اليڪشن ٽربيونل ۾ هلي رهيا آهن.

جواب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي ئي خواهشن موجب صدارتي آرڊيننس جاري ڪري جڊيشل ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي.

هوڏانهن ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي پاران لڳايل الزامن جي ڪاپي ملڻ تائين جڊيشل ڪميشن ۾ جواب داخل نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

متحده جي قانوني ٽيم جي سربراهه بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته ايم ڪيو ايم جڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجي شڪايت داخل ڪرائيندي، پي ٽي آ3، ن ليگ ۽ پ پ کان چونڊ مهم لاءِ چينلز تي هلايل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪيا وڃن.

فروغ نسيم چيو ته ايم ڪيو ايم کي دهشتگردي سبب چونڊ مهم هلڻ کان روڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*