منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي، نيب پاران ٺٽو شگر ملز بابت پڇيل سوالن جا جواب ڏنا، نيب کي جاچ ۾ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي، نيب راولپنڊي ۾ پيشي بعد وڏي وزير چيو ته راولپنڊي بابت اسان جو سٺو تجربو نه رهيو آهي

نيب ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته راولپنڊي بابت اسان جو تجربو سٺو ناهي، ڪيس پنڊي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو سڀ ڪراچي ۾ آهن.

هن چيو ته ڪيس ڪراچي ۾ هجي ها ته خرچ گهٽ ٿي ها، منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته ته ڪراچي ۾ پيش ٿيان ها ته خاموشي سان پيش ٿي اچان ها، پهريون ڀيرو پيش ٿيس مون کي ڪا شيءَ نظر نه آئي.

وڏي وزير چيو ته مون وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، بلاول ڀٽو زرداري بابت چيف جسٽس پاڻ چيو ته هو بي قصور آهي.

مراد علي شاهه چيو ته نيب کي خاطري ڪرائي آهي ته ڀرپور سهڪار ڪندس، جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

وڏي وزير چيو ته نيب جي گهرائڻ تي خوش آهيان ته منهنجو موقف به ٻڌو ويو آهي. ٺٽي شگر ملز بابت سوالن جا جواب ڏنا

مراد علي شاهه چيو ته  چيو ته پاڻ جي آءِ ٽي جي وڪيل چيو ته رپورٽ ۾  غلط نتيجو ڪڍيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*