پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي اتفاق ڪري ورتو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته يورپي يونين سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي

پاڪستان ۽ يورپي يونين اسٽريٽجڪ لاڳاپن تي اتفاق ڪري ورتو، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته يورپي يونين سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، معاهدي تي صحيحون برسلز ۾ ٿينديون، يورپي يونين جي ميمبر فيڊريڪا مورگينزي چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي قدمن کي اهميت سان ڏسي ٿي، پاڪستان ۾ ٽئلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ يورپي يونين جي خصوصي نمائندا فيڊريڪا مورگيرني اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس  ڪئي.

پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين سان پاڪستان جي واپار ۾ 2013 کان پوءِ اضافو ٿيو آهي، اسان وڌيڪ واپار کي اڳتي وڌائن چاهيون ٿا.

هن چيو ته موجوده حڪومت ۽ يورپي يونين جي پاليسين ۾ هڪجهڙائي آهي، پاڪستان ۽ يورپي يونين جا سٺا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته يورپي يونين سان نيشنل ايڪشن پلان ۽ انتهاپسندي تي ڳالهيون ٿيون آهن، توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفن اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي اتفاق ٿيو آهي. واپار، سيڙپڪاري، گورننس ۽ قانوني معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن.

شاهه محمود قريشي ڀارت سان لاڳاپن بابت پاڪستان جو موقف ٻڌائيندي چيو ته اسان پاڙيسري ملڪ سان امن ۽ سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي چاهيون ٿا.

پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ۽پاڪستان ٻه ايٽمي طاقتون آهن، جنگ جو سوچي به نه ٿيون سگهن، سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿي سگهن ٿا.

فيڊريڪا مورگينزي چيو ته يورپي يونين پاڪستان جي قدمن کي اهميت سان ڏسي ٿي.

يورپي يونين جي ميمبر  چيو ته، پاڪستان ۾ ٽئلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي، يورپي يونين پاڪستان سان سهڪار جاري رکندي،

فيڊريڪا مورگينزي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، چاهيون ٿا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*