سنڌ جي مختلف شهرن جي آر او پلانٽس ملازمن صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾  پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

سنڌ جي مختلف شهرن جي آر او پلانٽس ملازمن صوبائي راڄڌاني ڪراچي ۾  پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

خير محمد، رجب علي سومرو ۽ سارنگ ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙ ملازمن چيو ته کانئن ڪم ورتو پيو وڃي ۽ 8 مهينا گذرڻ باوجود پگهار نٿي ڏني وڃي.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت نجي ڪمپني کي ڏنل ٺيڪ فوري طور تي واپس وٺي ۽ ملازمن کي واپس حڪومت ۾ ضم ڪيو وڃي.

مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن کين پگهارون نه مليون ته سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*