وزيراعظم عمران خان احتجاج لاءِ اپوزيشن  کي ڪنٽينر فراهم ڪرڻ  لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي

وزيراعظم عمران خان احتجاج لاءِ اپوزيشن  کي ڪنٽينر فراهم ڪرڻ  لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر آڇ ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي،  اپوزيشن کي احتجاج جو شوق آهي ۽ ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اين آر او لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي .

وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ نگران حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن افغان عوام پنهنجي قيادت جي پاڻ چونڊ ڪري.

هن چيو ته، طالبان قيادت سان افغان حڪومت جي اعتراض سبب ملاقات نه ٿي سگهي، اسان طالبان سان ڳالهين جا حامي آهيون.

وزيراعظم چيو ته ٽيم ۾ ڪجهه ڪمزور رانديگر به هوندا آهن پر  آئون پنهنجي ڪابينا مان مطئمن آهيان.

هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن مان مطئمن آهيان، آهي ٻئي چڻا پاڻ کي مڃرائيندا.

عمران خان چيو ته اپوزيشن هن وقت پنهنجي ڪرپشن بچائي رهي آهي،  اپوزيشن روڊن تي آئي  ته ڪنٽينر ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

هن چيو ته، عربي سمنڊ مان تيل ۽ گيس جا ايشيا کان سڀ کان وڏا ذخيرا نڪرڻ وارا آهن.

وزيراعظم چيو ته نيب  آزاد آهي، نيب جي مٿان ڪو به دٻاءُ نه آهي، نيب کي چيو آهي ته  وڏن ڪرپٽ ماڻهن ۾ هٿ وجهي.

هن چيو ته، نيب طبقاتي نظام تحت ڪارروائي ڪندو آهي، جنهن سبب ڪرپشن جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي.

ان موقعي تي صحافي پاران سوال ڪيو ويو ته نوازشريف کي ڪهڙي قانون تحت ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي؟

جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري نيب کان ڊنل آهي، جنهن سبب روئي رهيو آهي، کيس خبر هئڻ گهرجي ته مٿس ڪيس مسلم ليگ ن جي دور ۾ ٺهيا.

عمران خان چيو ته، شريف خاندان پنهنجي بي گناهي ۾ اڄ ڏينهن تائين هڪ ثبوت به نه ڏنو آهي پر آئون 45 سالن جي ڪيريئر جو حساب ڏنوآهي.

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسان سڀني کي وڌيڪ خطرو دهشگردي مان آهي، هندوستان سان ايندڙ اليڪشن تائين لاڳاپن ۾ بهتري جي اميد نه آهي.

عمران خان چيو ته، هندوستان ۾ اليڪشن ٿيڻ ٿيڻ هر وقت تيار رهڻو پوندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*