سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پوليس جي شهيد ڪوٽا ۾ ڀرتين بابت قاعدا ۽ ضابطه جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ڀرتيون ميرٽ جو قتل آهن

 سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي پوليس جي شهيد ڪوٽا ۾ ڀرتين بابت قاعدا ۽ ضابطه جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ ڀرتيون ميرٽ جو قتل آهن.

جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پوليس جي شهيد ڪوٽا تي ڀرتي پوليس انسپيڪٽر محمد علي ڪمال جي تنزلي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته کيس شهيد ڪوٽا تي ڊي ايس پي ڀرتي ڪيو ويو پر سپريم ڪورٽ جـَي فيصلي جـِي اوٽ ۾ کيس انسپيڪٽر بڻايو ويو.

جسٽس گلزار احمد رمارڪس ۾ چيو ته هيل تائين ڀرتين جا قائدا ۽ ضابط به ناهن ٺاهيا ويا، اهڙي ريت حڪومت جنهن جي چاهي عهدي تي لڳائي سگهي ٿي.

جسٽس گلزار احمد شهيد ڪوٽا ۾ ڀرتين بابت قائدا ۽ ضابطه نه هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي قسم جون ڀرتيون ميرٽ جو قتل آهن، جڏهن قائدا ۽ ضابطا ئي ناهن ته عدالت ڇا ٿي ڪري .

سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته شهيد ڪوٽا تي ڀرتين جا قائدا ۽ ضابطا طئي ڪيا وڃن، جڏهن ته عدالت درخواستگذار کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي درخوست اڪلائي ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*