سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبي جَي اسڪولن بابت سڪيورٽي ڪيس ۾ تعليم واري سيڪريٽري جَي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس 22 مارچ تي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، صوبي جَي اسڪولن بابت سڪيورٽي ڪيس ۾ تعليم واري سيڪريٽري جَي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس 22 مارچ تي رپورٽ سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ صوبي جي اسڪولن جي سڪيورٽي وڌائڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته لياري، اورنگي ٽائون ۽ گلبرگ ۾ قائم اسڪولن ۾ سڪيورٽي مسئلا آهن، سنڌ حڪومت 10 سالن دوران اسڪولن جي سڪيورٽي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا.

درخواستگذار موجب آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ ٻين اسڪولن تي به حملي جو خدشو آهي، سنڌ حڪومت کي اسڪولن جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.

ٻڌڻيءَ دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪولن جي سڪيورٽي لاءِ ايس او پي جوڙي وئي آهي، آءِ جي سنڌ کي ايس او پي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عدالت، تعليم واري سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته تعليم وارو سيڪريٽري 11 اپريل تي تفصيلي رپورٽ سوڌو پيش ٿئي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*