گهوٽڪي ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند ٽن عورتن کي اغوا ڪري ويا

گهوٽڪي  ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ سڱاوتي تڪرار تان هٿيار بند ماءُ ۽ ڌيءَ سميت ٽن عورتن کي اغوا ڪري ويا.

شير شاهه ڪالوني مان هٿيار بند گهر تي حملو ڪري عورت بختاور،  امامزادي، ۽ طيبه چاچڙ کي اغوا ڪري ويا.

وارثن جو چوڻ آهي ته هٿيار بندن بنا جواز سندن گهر تي  حملو ڪيو آهي، عورتن کي جلد بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته چاچڙ برادري ج ٻن  ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، عورتن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*