اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي لاءِ مقرر ڪندي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي لاءِ مقرر ڪندي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، درخواست تي ٻڌڻي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ڪندا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، قائم علي شاهه جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سڀاڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست تي ٻڌڻي ڪندا.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪرائيندي عدالت، کي نيب کي گرفتاري کان روڪڻ جي استدعا ڪئي هئي.

نيب راولپنڊي جي طلبي کانپوءِ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي.

نيب ملير ڊيولپمنٽ اٿارٽي ۾ زمين جي الاٽمنٽ بابت ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ قائم علي شاهه کي پڇا ڳاڇا لاءِ سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*