پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ 7 ورهين جَي ٻارڙَي کان پسٽل جي اتفاقي گولي ڇُٽڻ سبب سندس ماءُ مارجي وئي

پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ 7 ورهين جَي ٻارڙَي کان پسٽل جي اتفاقي گولي ڇُٽڻ سبب سندس ماءُ مارجي وئي، پوليس موجب، 7 ورهين جي آذان لوڊيِڊ پسٽل کي رانديڪو سمجهي ماءُ تي تاڻي گولي هلائي.

فيصل آباد ۾ پيءُ جي مبينا غفلت سبب پٽ هٿان ماءُ قتل ٿي وئي آهي.

جهنگ بازار ٿاڻي واري علائقي ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي اذان کان غلطي سان پسٽل جو فائر ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس امڙ زخمي ٿي پئي.

والد پوليس کي بيان ڏنو ته پسٽل لوڊيڊ  هئي، اذان پسٽل کي رانديڪو سمجهي ماءُ تي تاڻي گولي هئي.

اذان جي پيءُ ٻڌايو ته فائرنگ سبب سندس گهرواري 26 سالن حنا فاطمه زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب، مقتول عورت جي مڙس جي بيان کانپوءِ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*