وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ 20 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ 20 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.

ناڻي وارو وزير ملائيشيا سان ٿيل معاهدن بابت ڪابينا کي بريفنگ  ڏيندو، وزيراعظم عمران خان ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو.

ڪابينا لاهور  نئين دهلي بس سروس معاهدي ۾ واڌ جو جائزو وٺندي، ڪابينا سيڙپڪاري بورڊ جي نئين سرجوڙجڪ جي سمري تي غور ڪندي.

وفاقي ڪابينا هوابازي پاليسي 2019 جي منظوري ڏيندي، ڪراچي انفراسٽرڪچر ڊويلپمنٽ بورڊ جي سمري به ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي.

ڪابينا پاڪستان سک گوردواره بربندهڪ ڪميٽي جي نئين سر جوڙن بابت به جائزو ورتو ويندو.

اجلاس ۾ پي ٽي ڊي سي ۾ غيرقانوني ڀرتين جي معاملي تي غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*