راجنپور ۾ هٿياربندن  گهر تي حملو ڪري هڪ عورت سميت 3 ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو

 پنجاب جي علائقي راجنپور ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي هٿياربندن  گهر تي حملو ڪري هڪ عورت سميت 3 ٽن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس موجب، مارجي ويلن ۾ هڪ حملي آور به شامل آهي، مقتول عورت ٻه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

لاکا بستي ويجهو هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران هڪ عورت فرزانا ۽ سندس ڏيڍ سالن جو پٽ نويد موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور به مارجي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڊي ايس پي مجاهد هرماني موجب، مارجي ويل عورت فرزانا ٻه سال اڳ گهران نڪري مهيسر برادري جي نوجوان مجيد سان شادي ڪئي هئي.

پوليس موجب، جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*