ڏهرڪي مان مبينا طور تي اغوا ڪيل  ڇوڪريون رينا ۽ روينا اسلام آباد هائي ڪورٽ پهچي ويون

گهوٽڪي جي تعلقي ڏهرڪي مان مبينا طور تي اغوا ڪيل  ڇوڪريون رينا ۽ روينا اسلام آباد هائي ڪورٽ پهچي ويون آهن.

ٻنهي ڇوڪرين پاران داخل ڪيل تحفظ فراهم ڪرڻ واري درخواست تي اڄ شنوائي ٿي رهي آهي.

اسلام آباد هائي ڪورٽ جو چيف جسٽس،جسٽس اطهر من الله ڪيس جي شنوائي ڪندو.

ٻنهي ڇوڪرين جا  مڙس به اسلام هائي ڪورٽ پهتل آهن.

روينا ۽ رينا پنهنجي درخواست ۾ گهرو وزارت، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آئي جي پنجاب کي ڌر بڻايو آهي.

درخواست گذار آئي جي سنڌ، اسلام آباد،پيمرا، قومي اسيمبلي جي ميمبر رميش ڪمار ۽ هري لال کي به ڌر بڻايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*