خانپور لڳ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ٽڪر سبب نوجوان فوت ٿي ويو

 خانپور لڳ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ٽڪر سبب نوجوان فوت ٿي ويو، سندس سئوٽ زخمي ٿي پيو آهي.

انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ھنيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان احسان علي  جعفري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس سئوٽ احمد خان جعفري زخمي ٿي پيو.

 حادثي جي اطلاع تي خانپور پوليس پھچي فوتيءَ جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي خانپور اسپتال کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 فوتي جو لاش گھر پهچايو ويو ته وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو .

زخمي نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*