شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ اڄ نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿي رهيو آهي

اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ايل اين جي ڪيس ۾ اڄ نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿي رهيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي  اڄ نيب راولپنڊي جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي، نيب کيس 75 سوالن تي ٻڌل سوال نامون جاري ڪيو هو.

نيب جي ذريعن مطابق اڳوڻي وزير اعظم کان ان جي اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهو اثاثن جو ريڪارڊ به گڏ کڻي اچي.

اڳوڻو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ان کان اڳ به شنوائي جي موقعي تي ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب نيب پنڊي ۾ پيش نه ٿيو هو.

 نيب پاران چار ڀيرا  ن ليگ جي اڳواڻ کي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا، پر هو صرف هڪ ڀيرو پيش ٿيو هو.

اڳوڻي وزير اعظم 19 فيبروري 2019 تي ايل اين جي اسڪينڊل ۾ نيب جي سامهون پيش ٿيو هو، نيب جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر  محمد زبير جي سربراهي ۾ چار رڪني ٽيم شاهد خاقان عباسي کان پڇا ڳاڇا ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*