نيپال ۾ آيل خطرناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 450 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

نيپال ۾ 7 ڏهائي 9  جي شدت سان آيل خطرناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي آهي، کٽمنڊو سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جي لوڏن سبب عمارتون ڪرڻ جي نتيجي ۾  عورتن ۽ ٻارڙن  فوتين جو انگ وڌي ساڍا چار سئو ٿي ويو آهي  ۽ 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن، زلزلي جي لوڏن نيپال جي تاريخي ٽاور کي به مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو،جڏهن ته کٽمنڊو ايئرپورٽ کي اڏامن لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، نيپال جي شهر کٽمنڊو سميت ٻين شهرن ۾ زلزلي جا خطرناڪ لوڏا آيا پر سڀ کان وڌيڪ متاثر گادي وارو شهر کٽمنڊو ٿيو آهي، شهر ۾ روڊ رستا اکڙي ويا آهن ۽ عمارتون ڪرڻ سبب هر طرف تباهي جا منظر آهن.

آمريڪي جيوليڪل سروي موجب، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7 ڏهائي 9 ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز نيپال جي ضلعي ڪاسڪي جي هيڊڪوارٽر پوکرا جي اوڀر ۾ 80 ڪلو ميٽر پري ٻڌايو پيو وڃي.

زلزلي جي لوڏن سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪـري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ٻارڙن ۽ عورتن سميت ساڍا چار سئو ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 400 کان وڌيڪ ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل آهن، جن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

نيپال جي گهرو وزير پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته ساڍا چار سئو لاش مختلف عمارتن جي ملبي هيٺان ڪڍيا ويا آهن ۽ اڃا به وڌيڪ جاني نقصان جو خدشو آهي.

نيپال ۾ قائم تاريخي ٽاور به زلزلي جي لوڏن سبب ڪري پـَٽ ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا ۽ هن وقت تائين هن ٽاور جي ملبي هيٺيان 10 لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا ٽاور جي ملبي هيٺان دٻيل آهن.

زلزلي جي لوڏن بعد نيپال ۾ موبائيل فون سروس سخت متاٿر ٿي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بند پيل کٽمنڊو ايئرپورٽ کي اڏامن لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، نيپال جي ريڊيو ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر رهڻ جي اپيل ڪئي آهي، ڇو ته ملڪ اندر وڌيڪ زلزلي جي جهٽڪن جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

اکين ڏٺن شاهدن پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته زلزلي جي جهٽڪن بعد ماڻهو بيهوشن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄنڊي نظر آيا، جڏهن ته سرڪاري هيليڪاپٽر به فضا ۾ اڏامون ڪري رهيا آهن.

نيپال ۾ زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي مختلف عالمي اڳواڻن پاران افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته 1934 ۾ نيپال ۾ 8 ڏهائي 3 جي شدت جو خطرناڪ زلزلو آيو هو، جنهن ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*