اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف ڪڏهن ناهي چيو ته پرڏيهه مان علاج ڪرائڻو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف ڪڏهن ناهي چيو ته پرڏيهه مان علاج ڪرائڻو آهي، اميد آهي ته عدالتن مان رليف ملندو رهندو، نوازشريف جي بيماري تي چٿر ڪرڻ ڪم ظرفي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف جي صحت تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته نوازشريف ڪڏهن به ناهي چيو ته سندس علاج پرڏيهه مان ڪرايو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم  چيو ته اسان ڪڏهن به حڪومتن کي ڪيرائڻ واري سياست نه ڪئي آهي، رڳو  عوام کي رليف فراهم ڪرڻ واري سياست ڪئي آهي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته، عدالت جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته نوازشريف جي صحت کي خطرو آهي.

هن چيو ته، اسان کي نوازشريف جي صحت بابت ڳڻتي هئي، عدالت نوازشريف کي رليف ڏنو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪم ظرفي جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو مثال نه ٿو ملي، انشاءَ الله نوازشريف جي اپيلن تي به سندس حق ۾ فيصلو ڏيندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*