ڪراچي جي احتساب عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي شاهد مير عالم جوکيو جي بيان خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ڪراچي جي احتساب عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي شاهد مير عالم جوکيو جي بيان خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

احتساب عدالت ۾ سنڌ جي سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ نيب جي شاهد مير عالم جوکيو جي بيان خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ڪيس ۾ جوابدار منصور راجپوت نيب جي شاهد مير عالم جوکيو جي بيان خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته نيب جي شاهد جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو.

هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيهر  درخواست داخل ڪرائي آهي.

عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست تي نيب پراسڪيوٽر  ۽ ٻين کي 9 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*