نواز ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي صحت جي حوالي سان سمورا خدشا عدالت ۾ پيش ڪيا آهن

نواز ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي صحت جي حوالي سان سمورا خدشا عدالت ۾ پيش ڪيا آهن، ڪوشش آهي ته اڄ ئي پهرين اڊيالا جيل پوءِ ڪوٽ لکپت جيل وڃجي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي سٺو سنوئڻ قرار ڏيندي نواز ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته نوازشريف جي صحت جي حوالي سان سمورا خدشا عدالت ۾ پيش ڪيا آهن.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته، عدالت طرفان 6 هفتن تائين رليف ڏنو ويو آهي، ميان صاحب کي دٻاءُ کان پاڪ ماحول ڏنو وڃي.

ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري  چيو ته،  ضمانتي مچلڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائينداسين.

هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي لکت ۾ فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته اڄ ئي لاهور روانو ٿي ويو آهي.

ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته، پهرين اڊيالا جيل پوءِ ڪوٽ لکپت جيل ويندس……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*