ميهڙ ڀرسان سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 25 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو راڄوڻي نبيرو ڪري ڌرين تي 23 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي

ميهڙ ڀرسان سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 25 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو راڄوڻي نبيرو ڪري ڌرين تي 23 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو آهي.

ڳوٺ ڊاکاڻي ۾ سوڍر برادري جي ٻن ڌرين ۾ 25 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جو راڄوڻي نبيرو رٽائرڊ ايس ايس پي احمد علي سوڍر، تحريڪ انصاف سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري بشير سوڍر ۽ ٻين جي سرپئنچي هيٺ ٿيو.

جرڳي ۾ جهيڙيندڙ ڌرين مان هڪ ڌر جي علي محمد سوڍر، لالو  ۽  آصف سوڍر جڏهن ته ٻي ڌر جي عبدالرحمان ۽ ذوالفقار سوڍر شرڪت ڪئي.

جرڳي ۾ عبدالرحمان ۽ ذوالفقار سوڍر تي هارون سوڍر جو  خون ثابت ٿيڻ تي  15  لک ۽ زخمين توڙِي ٻين ناجائزين جو 3 لک 50 ھزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

جرڳي ۾ علي محمد سوڍر وارن تي مخالفن جا گهر ڊاهڻ جو 5 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

جرڳي ۾مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين تي 23 لک 50 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*