ٿر ۾بک، بدحالي ۽ بيمارين وگهي معصوم انساني حياتين جي زيان تي حڪمرانن جي بي حسي برقرار آهي

ٿر ۾بک، بدحالي ۽ بيمارين وگهي معصوم انساني حياتين جي زيان تي حڪمرانن جي بي حسي برقرار آهي، مختلف اسپتالن ۾وڌيڪ 9 معصومن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، پوڻن ٻن مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 198 ٿي ويو.

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين سبب اسپتالن ۾ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو وڌي ويو آهي، مٺي جي سول اسپتال ۾ڇهن ٻارن دم ڏنو، ڳوٺ ملوڪ مهر جي رهواسي امير جو هڪ ڏينهن جو پٽ ساجن ۽ ڳوٺ جنجهيئر جي رهواسي ملوڪ ميگهواڙ جو ٽن ڏينهن جو پٽ سول اسپتال ۾فوت ٿي ويو.

 ڳوٺ ٻٽڙي جي رهواسي حسين لنجو جي 8 مهينن جي ڌي گلشان ۽ ڳوٺ پٻي جي تڙ جي رهواسي منو ڀيل جي تازو ڄاول پٽ به دم ڏئي ڇڏيو.

 ڳوٺ نيڻيسر جي رهواسي مڪيش ميگهواڙ جو هڪ ڏينهن جو پٽ ۽ ڏيپلو جي رهواسي ميانداد جي ارڙنهن مهينن جي پٽ غلام مصطفي به دم ڏنو.

ڇاڇري جي اسپتال ۾ به 3ٻار فوت ٿي ويا، ڳوٺ اوڏاڻي جي رهواسي اسد جو سورنهن ڏينهن جو پٽ مستقيم ۽ ارش جو پنڌرنهن ڏينهن جو پٽ جيهن اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، امداد علي جي تازي ڄاول پٽ ڪورين اسپتال ۾دم ڏنو.

ٿر ۾ بک، بدحالي ۽ بيمارين سبب پوڻن ٻن مهينن دوران فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 198ٿي ويو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*