گمبٽ جي صرافه بازار ۾ زبون حال بڻيل جگهه جي تعمير دوران ڀت ڪري پئي

گمبٽ جي صرافه بازار ۾ زبون حال بڻيل جگهه جي تعمير دوران ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ جڳهه جو مالڪ ۽ هڪ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا.

صرافه بازار ۾ زبون حال بڻيل جگهه جي تعميراتي ڪم دوران هڪ پاسي کان ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ پورهيت نزاڪت علي ناريجو ۽ جڳھه جو مالڪ نانڪ رام دٻجي فوت ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ علائقي واسين ڪجهه دير جي محنت کانپوءِ ملبو هٽائي لاش ڪڍي اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪيترائي سال پراڻي هئي، جنهن ڪري مالڪ ٻيهر مرمت ڪرائي رهيو هو ته ان دوران هڪ پاسي کان ڀت ڪري پئي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*