جوهي ۾تشدد جو شڪار بڻيل عورت کي انصاف ڏيڻ بدران پوليس سندس خلاف چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو

جوهي ۾تشدد جو شڪار بڻيل عورت کي انصاف ڏيڻ بدران پوليس سندس خلاف چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن عمل خلاف سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي ريلي ڪڍي آهي.

جوهي ٿاڻي تي گهر ڌڻي اصغر ڪوري جي فرياد تي عورت ارشاد عرف اسما خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عورت اسما گهر ۾ داخل ٿي چوريءَ جي ڪوشش پئي ڪئي ته کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت کي جلد عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، تشدد ۽ تذليل بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪندي ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ عورت کي سول جج جي عدالت ۾پيش ڪيو ويو، جنهن عورت جي شخصي ضمانت منظور ڪندي کيس ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو.

عورت مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن نقاد ٿهيم، عذره ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو.

واضح رهي ته عورت کي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن جو آءِ جي سنڌ به نوٽيس ورتو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*