سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پيپلزپارٽي جي ٽرين مارچ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄ دنيا جو پهريون “ابو بچايو” مارچ  شروع ٿي ويو آهي

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پيپلزپارٽي جي ٽرين مارچ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄ دنيا جو پهريون “ابو بچايو” مارچ  شروع ٿي ويو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري پيپلزپارٽي جي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ٽرين مارچ تي تنقيد ڪئي.

فواد چوڌري چيو ته ٽرين مارچ پهرين تحريڪ آهي، جيڪا ڪرپشن کي قانوني تحفظ لاءِ شروع ڪئي پئي وڃي.

واضح رهي آهي ته پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ ٽرين مارچ ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪراچي کان پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*