سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، وفاقي سرڪار پاران غير معياري ڪڻڪ يوڪرين مان گهرائڻ سبب ڪڻڪ جو خريداري هدف گهٽائڻو پيو.

سکر ۾ ايڊمنسٽريشن ٽائون بلاڪ جو افتتاج ۽ 234 . 257 ملين جي لاڳت سان  لڳايل سولر سسٽم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ  بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جو عوام ورهاڱي جي ڳالهه برداشت نه ڪندو.

وڏي وزير چيو ته الطاف حسين پاڻ کي سنڌ جو سپوت چوندو آهي، ان ڪري اهو ورهاڱي جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته وفاقي سرڪار پاران 7 لک ٽن غير معياري ڪڻڪ يوڪرين مان گهرائي وئي، جنهن سبب سنڌ ۾ خريداري هدف گهٽائڻو پئجي ويو.

وڏي وزير چيو ته وفاق جي غلط پاليسين بابت  سي سي آءِ ۾ آواز اٿاريو ويو آهي.

وڏي وزير چيو ته سرڪار پاران آبادگارن کان 35 سيڪڙو ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي آهي، باقي ڪڻڪ آبادگار اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهن.

سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*