پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ڪينگروز خلاف کيڏي ويل ٻن ميچز ۾ شڪست باوجود هو گهڻو پراميد آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته ڪينگروز خلاف کيڏي ويل ٻن ميچز ۾ شڪست باوجود هو گهڻو پراميد آهي ته سيريز ۾ ٽِيم واپسي ڪندي.

گڏيل عرب امارات جي شهر ابوظهبي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته آسٽريلوي ٽيم خلاف ٽيم جي بيٽنگ ساراهه جوڳي رهي آهي ۽ حارث سهيل سان گڏ محمد رضوان ون ڊي ڪيريئر جون پهرين سنچري اسڪور ڪيون.

هن وڌيڪ چيو ته کيڏي ويل ٻنهي ميچز ۾ ٽن رانديگرن کي ون ڊي ڪيپ ڏئي سندن ڪارڪردگي جو جائزو ورتو آهي.

مڪي آرٿر چيو ته ڪينگروز جي ٽيم جي بيٽسمين شاندار بيٽنگ جومظاهرو ڪيو ۽ ٻنهي ميچز ۾ 280کان وڌيڪ ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪيو.

هن چيو ته ٽيم جي بيٽنگ ساراهه جوڳي رهي آهي، پر ٽيم جي بالرز کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽مهمان ٽيم جي بيٽسمينن کي جلدي آئوٽ ڪرڻو پوندو.

——————-

ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ بال تي سڀ کان وڌيڪ اسڪور ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ته نو بال تي ڪو به بيٽسمين ڇڪو هڻي ته ست رنز ٺهي سگهن ٿا پر ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ هڪ بال تي 286رنز به ٺهي چڪيون آهن.

1894۾ آسٽريليا جي شهر بينبري ۾ وڪٽوريا ۽ وسٽرن آسٽريليا جي ٽيمن وچ۾ هڪ دوستاڻا ميچ کيڏي وئي.

وڪٽوريا جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪئي ۽ اوپنر مخالف ٽيم جي بالرجي پهرين بال کي زودار شاٽ هئي ۽ بال گرائونڊ ۾ هڪ وڻ ۾ ٽنگجي پيو.

بال وڻ ۾ ڦاسي پيو ،پر ان هوندي به بيٽسمينن رنز وٺڻ شروع ڪيون.

فيلڊنگ ٽيم پاران ايمپائر کي بال گم ٿيڻ جي اپيل ڪئي، پر امپائر ان اپيل کي رد ڪري ڇڏيو ، ڇاڪاڻ جو بال وڻ ۾ ٽنگيل صاف طور تي نظر اچي رهيو هو.

فيلڊرز بال کي وڻ کان لاهڻ جي ڪوششن ۾ رڌي ويا ۽بيٽسمينن رنز وٺندا رهيا.

وڻ ۾ فاٿل بال کي لاهڻ لاءِ امپائر وڻ کي ڪٽڻ جو حڪم ڏنو ، پر وڻ ڪٽڻ لاءِ ڪهاڙي نه ملي سگهي ۽ان دوران فيلڊنگ ٽيم بال کي بندوق ذريعي بال کي نشاڻو لڳائيندا رهيا.

جڏهن بال کي وڻ مان آزاد ڪري ڪيريز تي اڇلايو ويو ته ان وچ ۾ بيٽسمينن 286رنز اسڪور ڪيون ۽ اهو لڳ ڀڳ 6ڪلوميٽرزجو فاصلوٿئي ٿو.

——————-

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستاني ڄائي بيٽسمين عثمان خواجه چيو آهي ته پاڪستان فاسٽ بالر محمد حسنين بهترين صلاحيتن جو مالڪ بالر آهي.

ابوظهبي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان خواجه چيوته پاڪستان ۾ ماضي ۾ بهترين بالرز پيدا ٿيندا رهيا آهن،جن ڪيترائي وڏا نالا شامل آهن.

هن چيوته پاڪستان جو نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين بهترين فاسٽ بالر آهي،جنهن پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ميچ ۾تيز رفتاري سان نه صرف بالنگ ڪئي، پرلائن ۽لينٿ تي بالنگ ڪئي.

عثمان خواجه وڌيڪ چيوته محمد حسينن تيز رفتاري سان بالنگ ڪندي بائونسر به شاندار انداز سان ڪرايا ۽ ايندڙ وقت ۾ هو هڪ بهترين بالر ٿي سامهون ايندو.

——————-

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*