نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ڪاميابي جو وڏو سبب ٽيم اسپرٽ آهي جاويد ميانداد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيسٽمين جاويد ميانداد چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ڪاميابي جو وڏو سبب ٽيم اسپرٽ آهي ۽ انهي ڪاميابي واري سلسلي کي ون ڊي سيريز ۾ به جاري رکڻو پوندو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته آسٽريليا خلاف شاندار ڪاميابي بعد نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف جاري ٽِيسٽ سيريز جي پهرين ميچ ۾ سموري ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي نصيب ٿي.

هن چيو ته سيريز ۾ نوجوانن رانديگرن  بهترين پرفارمنس جو مظآهرو ڪري پنهنجي سليڪشن صحيح ثابت ڪئي آهي ۽ انهن کي ون ڊي سيريز ۾ به بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.

جاويد ميانداد جو چوڻ هو ته آسٽريليا جي ٽيم خلاف سيريزکان پهرين يونس خان مايوس هو پر هن همٿ نه هاري جنهن سبب قسمت سندس ساٿ ڏنو، هن ثابت ڪري ڏيکاريون ته هو هڪ وڏو بيٽسمين آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*