ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل سماجي ڪارڪن سبين محمود جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو

ڪراچي جَي ڊفينس فيز ٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل سماجي ڪارڪن  سبين محمود جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر ۽ آمريڪا واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، پاڪ فوج جي ترجمان عاصم باوجوه چيو آهي ته واقعي جي جاچ ۾ ڳجهن ادارن کي جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڊفينس فيز ٽو واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل سماجي ڪارڪن سبين محمود جي قتل ۽ سندس امڙ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سبين محمود جي امڙ جي حالت سڌرندڙ آهي، جڏهن ته کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر سماجي ڪارڪن سبين محمود جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي واقعي جي جاچ ۾ ڳجهن ادارن کي جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪا سبين جي قتل جي مذمت ڪندي سماجي ڪارڪنن تي حملن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي پرڏيهي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته سماجي ڪارڪنن سبين محمود جي مارجڻ ۽ سندس امڙ تي حملو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي سائوٿ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*