سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان 19 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيوآهي

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان 19 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيوآهي،جديد دور جون جنگيون به ميڊيا جي ذريعي وڙهيون پيون وڃن.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته موجوده دور ۾ پنهنجا نظريا ٻين قومن تي مڙهڻ جو رجحان آهي.

هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان دهشتگردي جي خلاف پنهنجو بيانيو اثرائتي انداز ۾ پيش نه ڪيو،پاڪستان وٽ دهشتگردي خلاف پنهنجو بيانيو آهي.

هن چيو ته سموري دنيا ۾ جديد ترين ٽيڪنالوجي جو استعمال وڌي رهيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته ميڊيا ٽيڪنالوجي ۾ هائيبرڊ افيئر جو دور آهي.

سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چيو ته فلسطيني مسلمانن تي اسرائيلي ظلمن جو ڪوبه مثال نٿو ملي،جڏهن ته ڀارت کي پلواما واقعي تي عالمي اڪيلائپ کي منهن ڏيڻو پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*