اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب پاران گرفتاري جي خدشي کي سامهون رکندي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب پاران گرفتاري جي خدشي کي سامهون رکندي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

اڳوڻي صدر پاران اسلام آباد هائي ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست  ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ هينئر تائين پيش ٿيڻ لاءِ ٽي سمن ملي چڪا آهن ۽ خبر ناهي ته منهنجي خلاف ڪيتريون انڪوائريز هلي رهيون آهن، نيب ڪنهن به انڪوائري ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي.

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي، گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت کانسواءِ ڪوبه آپشن ناهي ۽ نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

اڳوڻي صدر پاران ضمانت جي درخواست ۾ نيب جي چيئرمين ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد ڪامران کي ڌر بڻايو ويو آهي.

آصف زرداري عدالت ۾ نيب کان ڪيسن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جي درخواست به داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته نيب کي منهنجي خلاف  سمورين انڪوائريز جي لسٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*