دادو ۾ چئن سالن کان پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي زال انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس ڀائرن ملڪيت جي تڪرار تان گم ڪيو آهي

دادو ۾ چئن سالن کان پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوان جي زال انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس ڀائرن ملڪيت جي تڪرار تان گم ڪيو آهي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.

چار سال اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل واپاري غفور ڀنڍ جي زال بينظير پوليس کي ٻڌايو ته سندس مڙس کي ڀائرن محمد سليمان ڀنڊ، اصغر ڀنڊ ۽ ٻين گم ڪيو آھي.

هن چيو ته خدشو آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان ڀائرن سندس مڙس کي قتل ڪري لاش گم ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

وومين پوليس جو چوڻ آهي ته عورت بينظير کي 164 بيان ڏيارڻ لاءِ  فرسٽ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*