سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سول اسپتال ۾شهري جو علاج نه ٿيڻ تي ڊاڪٽرن ۽ لاڳاپيل ڪامورن کان لکت ۾ معافي نامو طلب ڪري ورتو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سول اسپتال ۾شهري جو علاج نه ٿيڻ تي ڊاڪٽرن ۽ لاڳاپيل ڪامورن کان لکت ۾ معافي نامو طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر اسپتالن کي تالا هڻي هڙتالون ته جلد ڪن ٿا پر مسڪين مريضن جو علاج نٿا ڪن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر جي جج جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ ظفر احمد راجپوت شهري اعجاز دايو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي .

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته هو  5 فيبروري تي ٻن ٻارڙن سميت روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو، سکر جي سول اسپتال ۾ڊاڪٽرن علاج نه ڪيو.

درخواست ۾وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ بدران ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد شفيع صديقي ڊاڪٽرن کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس جاري ڪيا ته ڊاڪٽر هڙتالون ڪري اسپتالن کي تالا ته هڻن ٿا، پر غريب مريضن جو علاج نٿا ڪن ! ڊاڪٽرن دنيا گهڻي ڪمائي ورتي آهي، ڪجهه آخرت به ڪمائن.

جسٽس شفيع صديقي سکر سول اسپتال جي ايم ايس کان پڇاڻو ڪيو ته هو اسپتال جو رڪارڊ به نٿا رکن ته ڪم ڪيئن پيو هلي ؟ ميڊيسن ڪاڏي پئي وڃي؟

عدالت کي جواب ڏيندي ڊاڪٽر سعيد احمد شيخ چيو ته هو اسپتال جو ايم ايس نه پر ايڊيشنل انچارج آهي، سول اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ناهي ٿيو.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شفيع محمد چانڊيو عدالت کي آگاهه ڪيو ته سکر سول اسپتال جو وقتي ايم ايس ڊاڪٽر سعيد شيخ آهي، ڊسپينسر خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، ڊاڪٽرن کي شوڪاز به ڏنو ويو آهي.

جسٽس شيفع صديقي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ڊاڪٽر جي جواب تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سندن ڪاوڙ غريب ڊسپينسر تي ڇو آهي ؟ ذميوار ڊاڪٽر آهي، ان خلاف ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي وئي ؟

 ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ شفيع محمد چانڊيو عدالت کي معافي جي درخواست ڪندي چيو ته ڊاڪٽرن غلطي تسليم ڪئي آهي.

عدالت لاڳاپيل ڪامورن کي لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*