شهدادپور ڀرسان گهر کي باهه لڳڻ ڪري ٻارڙو سڙي زخمي ٿي پيو آهي

شهدادپور ڀرسان گهر کي باهه لڳڻ ڪري ٻارڙو سڙي زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته ميرپوربٺوري ڀرسان ٽن گهرن کي باهه لڳڻ ڪري الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي.

شهدادپور جي ڳوٺ ڪرم خان عمراڻي ۾ پورهيت عبدالله مري جي گهر کي چلھه جي چڻگ مان باھ لڳڻ سبب ٻارڙو  سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو آهي.

باهه لڳڻ ڪري 5 ٻڪريون سڙي مري ويون ۽ گهر ۾ پيل هنڌن، بسرن، سميت ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي.

ميرپوربٺورو جي ڳوٺ حاجي صديق پرھياڙ ۾ ٽن گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*