حيدرآباد پوليس آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ موبائل مارڪيٽ ۾ موبائل چوري جي الزام هيٺ نوجوان جي تذليل واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٽن دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو

حيدرآباد پوليس آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ موبائل مارڪيٽ ۾ موبائل چوري جي الزام هيٺ نوجوان جي تذليل واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ٽن دڪاندارن کي گرفتار ڪري ورتو، دڪاندارن نوجوان کي پوليس حوالي ڪرڻ بدران ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ۽ وڊيو به رڪارڊ ڪيو هو، آءِ جي سنڌ جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پوليس حرڪت ۾ آئي.

آءِ جي سنڌ ڪيلم امام جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ حيدرآباد پوليس حرڪت ۾ ايندي موبائل مارڪيٽ ۾ چوري جي الزام هيٺ نوجوان سلمان قريشي کي مارڪٽ ڪرڻ کانپوءِ ڪپڙن کان آجو ڪري تذليل جو نشانو بنائيندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

سٽي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٽن جوابدارن آصف سعيد، ذيشان ۽ ارسلان کي گرفتار ڪري ورتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*