ٺل ۾ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾دڪان مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

ٺل ۾ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾دڪان مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

دڪاندارن طارق عزيز نوناري، ظهير مغل، بابو ڪنراڻي، منير سومرو،  احسان ڊول ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ٺل ڪلاٿ مارڪيٽ مان ظهير مغل جي دڪان مان چور  لکين روپين جو سامان کڻي ويا آهن، پر پوليس ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.

 هنن چيو ته هر روز شهر ۾ چوريءَ جون وارداتون پيش اچن ٿيون پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*