هوسڙي ويجهو هڪ ڏينهن اڳ هٿ آيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي

هوسڙي ويجهو هڪ ڏينهن اڳ هٿ آيل نينگر جي لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

درگاهه نهال شاهه نوري واري علائقي مان گذريل ڏينهن نينگر جو لاش هٿ آيو، جنهن  جي سڃاڻپ 13 سالن جي عظيم ولد محمد نعيم رستماڻي طور ڪئي وئي.

اطلاع تي پوليس لاش کڻائي حيدرآباد سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مرده خاني ۾ رکرايو هو، جيڪو وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ ويل هو، اسان کي شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي، سندس گم ٿيڻ جي ايف آءِ آر به داخل ڪرايل آهي،.

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگر  جي جسم تي نشان موجود آهن ۽ رپورٽ موجب کيس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*