بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي کان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتل “ڪاروانِ ڀٽو” ٽرين مارچ پنهنجي منزل تي پهچي ويو

بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي کان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتل “ڪاروانِ ڀٽو” ٽرين مارچ پنهنجي منزل تي پهچي ويو، پ پ چيئرمين چيو آهي ته احتساب جي نالي تي انتقام قبول ناهي، نيب مشرف جو ڪارو قانون آهي، جنهن کي اسان ختم ڪنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري جو ڪراچي کان لاڙڪاڻي لاءِ نڪتل “ڪاروانِ ڀٽو” ٽرين مارچ ٻئي مرحلي ۾ ٻانڌي، پڊعيدن، ڀرياروڊ، محرابپور، راڻيپور کان ٿيندو خيرپور اسٽيشن تي پهتو، جتي ڪارڪنن شاندار آجيان ڪئي.

“ڪاروان ڀٽو ” ٽرين مارچ، روهڙي، شڪارپور کان ٿيندو پنهنجي منزل لاڙڪاڻي شهر پهچي ويو، جتي پ پ جيالن پاران شاندار آجيان ڪئي وئي.

مخلتف اسٽيشنز تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته احتساب جي عمل کان نٿا ڊڄئون، احتساب جي آڙ ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، قائم علي شاهه جهڙي شريف انسان کي به نيب ۾ ڇڪيو ويو آهي.

هن چيو ته 4  اپريل شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو.

پ پ چيئرمين چيو ته ايوب، ضياءَ ۽ مشرف جي مارشلائن جو مقابلو ڪيو آهي، عمران خان ڪهڙي شيءِ آهي.

هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته بي نامي وزيراعظم جو احتساب ڪڏهن ٿيندو، اسان جي زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ڏينهن احتساب شروع ٿيو ته خيبر پختونخواهه جا ڦورو ڀڄي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*