ڪراچي ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

مڇر ڪالوني واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ سليم جي نالي سان ٿي آهي، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

سائيٽ سپر هاءِ وي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*