آسٽريليا پاڪستان کي سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي دنگل ۾ 80 رنز تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

آسٽريليا پاڪستان کي مسلسل 5 ميچز تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي دنگل ۾ 80 رنز تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ابو ظهبي جي ميدان ۾ آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر  50 اوورز ۾ 266 اسڪور ڪيو، ايرون فنچ 90،  ميڪسويل 71 ۽ بيٽر هينڊز ڪومب 47  رنز ٺاهي نمايان رهيا.

قومي ٽيم جي بالرز عثمان شنواري، ياسر شاهه، حارث سهيل، عماد وسيم ۽ جنيد خان هڪ هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ويا.

پاڪستان مخالف ٽيم پاران مليل 267 رنز جي هدف جو پيڇو ڪندي  پوري ٽيم 45 هين اوورز ۾ 186 رنز تي ڍير ٿي وئي.

امام  الحق 46، اماد وسيم 43، عمر اڪمل 36 ۽ شعيب ملڪ 32 رنز ٺاهي نمايان رهيا، ڪينگروز طرفان ايڊم زمپا 4 ۽ پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽس ورتيون، مين آف دي ميچ جو ايوارڊ به آسٽريلين بالر پيٽ ڪمنز کي مليو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*