جيڪب آباد ۾ 12 ورهين جي نينگر کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهڻ جو انڪشاف

جيڪب آباد ۾ 12 ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهڻ بعد لاڳيتو بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

 جيڪب آباد ۾ بااثر جوابدارن پاران 12 ورهين جي عمران ملغاڻي کي اغوا ڪري ويران هنڌ تي کڻي وڃي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي نينگر جي وڊيو ٺاهي وئي.

 بدفعلي ڪرڻ کانپوءِ بااثر جوابدار نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارث نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ گهر  کڻائي آيا.

 وارثن جي پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي نينگر ٻڌايو ته جوابدار فرمان کيس ڏاڍائي جو نشانو بڻائي لاڳيتو بليڪ ميل ڪندو رهيو آهي.

 نينگر عمران جي وارثن جي فرياد تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 نينگر جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته جوابدار ڌر بااثر آهي، جيڪي نينگر سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪرائڻ چاهين ٿا، مختلف طريقن سان ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو پيو وڃي.

 هنن ڊسٽرڪٽ سيشن جج، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وحشي جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*